پاڪستانسنڌ

پکين جي شڪار جي اجازت وارو حڪم برقرار، سنڌ سرڪار جي اپيل رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پکين جي شڪار جي اجازت ڏيڻ جي سنگل بئنچ جي حڪم جي خلاف صوبائي حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻوڏ جي ڪري غير معمولي صورتحال آهي. عدالت ڪاوڙ ڪندي چيو ته 6 مهينا ٿي ويا آهن، ٻوڏ ۽ خوفناڪ بيماريون پکڙيل آهن. اوهان ڪجهه روڪي سگهيا. ڊزاسٽر جي نالي تي 50-50 ماڻهن جا دورا ڪيا پيا وڃن، وفاق ۾ به، صوبي ۾ به هن سال پابندي جو جواز ناهي. هلندڙ سال ته افضائش ٿي چڪي آهي. عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف ڏنو ته هن وقت تائين ٻوڏ جو پاڻي بيٺو آهي، واڌ ويجهه متاثر ٿيندي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻوڏ جو فنڊ سمورو ملي ويو يا اڃا آهي، جيستائين سمورا پئسا نه ٿا ملن، پاڻي بيٺل رهندو. جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏنا ته پئسو ايندو ۽ لاڳاپيل هنڌن تائين پهچي ويندو، پوءِ پاڻي ختم ٿي ويندو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته غير معمولي صورتحال سبب شڪار تي پابندي لڳائي وئي آهي. جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏنا ته جنهن ڏينهن کان ملڪ ٺهيو آهي. هر ڏينهن غير معمولي صورتحال آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ته قدرتي آفتن کي ته انسان نٿو روڪي سگهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته هاڻي اسان کي مجبور نه ڪريو. ٻي صورت ۾ اسان به ٻڌائي ڇڏينداسين ته ڪيتري قدرتي هئي ۽ ڪيتري پنهنجي پيدا ڪيل هئي. جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته اسان به هتي رهون ٿا، سڀ ڄاڻون ٿا، اسان کي به انفارميشن ملندي رهي ٿي. عدالت پکين جي شڪار جي اجازت ڏيڻ جي سنگل بئنچ جي حڪم جي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button