پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ بورڊ جا امتحان هاڻ سال ۾ 2 ڀيرا ورتا ويندا، منظوري ملي وئي

ڪراچي: سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز جي شاگردن لاءِ ضمني امتحانن جو اصطلاح ختم، هاڻ سال ۾ 2 ڀيرا امتحان ورتا ويندا، اهڙو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي ڪيو آهي. تفصيل مطابق سنڌ صوبي ۾ سمورن تعليمي بورڊز تحت هاڻ سال ۾ 2 ڀيرا امتحان ورتا ويندا. ان کان اڳ فيل ٿيندڙ شاگردن لاءِ ضمني امتحان جي اصطلاح تحت ان جو اهتمام ڪيو ويندو هو، اهو امتحانن جو نالو ساليانا امتحان ون ۽ ساليانو امتحان ٽو هوندو، هي شاگردن جي فيل ٿيڻ جي صورت ۾ ساليانو امتحان ٽو ٿيندو. تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي اهڙي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي منظوري بعد هلندڙ تعليمي سال کان فيصلي تي عمل شروع ٿي ويندو. چيئرمين انٽر بورڊ ڊاڪٽر سعيدالدين ٻڌايو ته سنڌ جا سمورا تعليمي بورڊ سال ۾ 2 ڀيرا امتحانن جو اهتمام ڪندا. هن چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ آزاد ڪشمير ۾ پهريان ئي هي نظام لاڳو آهي. سنڌ ۾ نئين تعليمي سال کان پهريون ڀيرو ساليانو ون ۽ ساليانو 2 امتحانن جو طريقو لاڳو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button