پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ ڪار مان مورن جي ٻچن جو 7 جوڙيون هٿ، وڏو منشي ڇڏائي ويو

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ ونگو چيڪ پوسٽ تي اڇي ڪلر جي نامعلوم ڪار کي اهلڪارن چيڪنگ ڪرڻ لا روڪي ورتو ۽ تلاشي دوران اهلڪارن کي 7 مورن جي ٻچن جون جوڙيون ۽ 5 ڪلو جيترو اڇي ٻاچڪي ۾ گوشت هٿ آيو، اطلاع تي ڪلوئي ٿاڻي جو وڏو منشي شمشاد سومرو پهچي گاڏي کي اهلڪارن کان ڇڏرائي گاڏي ۽ مورن جي ٻچن کي شڪارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته صحافين جي ٽيم پهتي ته وڏي منشي شمشاد سومرو چيو ته هي مور ايس ايس ايس ٿرپارڪر جي پي آر او جا آهن، پولیس پوسٽ تي ڊيوٽي تي بيٺل اهلڪارن کي وڏي منشي شمشاد سومرو ڌمڪيون ڏئي گاڏي کي ڪڍرائي ويو. اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي باهھ جيان پکڙجي وئي. هوڏانهن گيم کاتي جي انچارج مير اعجاز ٻڌايو ته منهنجي ايس ايس پي ٿرپارڪر سان فون تي ڳالهه ٿي آهي، مون کيس آگاهه ڪيو ته ڪلوئي ٿاڻي جي منشي پاران ڇڏيل مورن جا ٻچا ۽ گاڏي جوابدار اسان کي هٿ ڪري ڏنا وڃن. آخري اطلاعن تائين ڪنهن به قسم جي ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button