پاڪستانسنڌ

جهول لڳ نوجوان ڪوڏرون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

جھول: جهول ڀرسان گھنڊڻ لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال جي رھواسي 20 ورهين جي نوجوان محمد ملوڪ پٽ حامد وساڻ کي نامعلوم جوابدارن ڪھاڙين ۽ ڪوڏرن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. اطلاع تي وارثن پهچي مقتول جو لاش کڻايو ۽ مقامي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. واقعو گذريل رات دير سان پيش آيو. هوڏانهن پوليس پاران سهڪار نه ڪرڻ خلاف وارثن مقتول جو لاش شھزور گاڏي ۾ رکي سريوال رستي وٽ سانگھڙ-حيدرآباد روڊ تي رکي نوجوان جي والد حامد وساڻ، مامي دين محمد وساڻ، سومر وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ شريڪ ڳوٺاڻن ٽائرن کي باهيون ڏئي قاتلن جي گرفتاري لا نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول جي قتل واري ڪيس ۾ جھول پوليس سهڪار ڪرڻ لا تيار ناهي، نوجوان جي قتل واقعي کي 16 ڪلاڪ ٿي ويا آهن، پر ايس ايس پي سانگهڙ سميت ڪنهن به آفيسر وارثن سان رابطو ناهي ڪيو، ايس ايڇ او مدد نٿو ڪري، واقعي جو اطلاع ڏيڻ لا ايس ايڇ او ۽ ٿاڻي تي ڪيترائي ڀيرا فون ڪيا، پر ڪنهن به ڪال اٽينڊ نه ڪئي، اسان ٻن ڪلاڪن بعد نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال سانگهڙ پهتاسين، جتي جهول پوليس جا 2 اهلڪار پهتا، جن پوسٽ مارٽم بعد رات دير سان 3 بجي ڌاري لاش ڏنو. وارثن موجب جھول پوليس جيستائين قاتلن جي ڳولا ڪري صحيح نموني سان جاچ ڪري قاتل گرفتار نه ڪندي تيستائين احتجاج جاري رھندو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. 4 ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او جھول احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي انصاف ڏيارڻ جو واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ٻئي طرف ايس ايڇ او جھول وارثن سان گڏجي پيري گھرائي قاتلن جا پيرا کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پيرا گم ٿي ويا. مقتول جو لاش ڪمند ۾ پيل مليو، جتان پوليس ڪوڏر ۽ ڪھاڙيون ھٿ ڪري ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button