پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ثقافتي تقريب، شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش

شھدادپور: شھدادپور شھر جي اسڪائي اسڪل ڊيولپمينٽ سينٽر ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي شاھد عبدالسلام ٿهيم، الحاج غلام دستگير قريشي، بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارشد علي بالادي، احسان ڪاڪڙي، علي رضا ٿھيم، پنھل ڀاڻوجو، پرنسپال ھما سليم شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين ثقافتي ويس اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪا پائي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي شاھد عبدالسلام ٿهيم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آھي. اجرڪ، ٽوپي، ڪوڏر، ڪهاڙي ۽ پٽڪو اسان سنڌين جو شان آھي. سنڌ جي مهمانن نوازي مشھور آھي. سنڌ ھميشه هر انسان کي پنھنجي ھنج ۾ جا ڏني آھي، پر سنڌ جي ترقي تڏھن ٿيندي، جڏھن سنڌ جو هر ٻار علم جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيندو. هوڏانهن شاگردياڻين مختلف ٽيبلوز تي خاڪا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button