پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي جي وڏ وزارت لوڏن ۾، اپوزيشن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

پنجاب جي سياست ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، مخالف ڌر جي پارٽين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي سڀاڻي اربع تي شام 4 وڳي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي، بي اعتمادي واري رٿ تي 150 اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن. عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ چيو ويو آهي ته وڏو وزير پرويز الاهي ايوان جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري هو اسيمبلي مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺي. نواز ليگ طرفان ميان مرغوب، خليل طاهر سنڌو ۽ خواجا عمران نذير بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ به ن ليگ ميمبرن سان گڏ هو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ چيو ته اسان وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اسان ايوان کي بچائڻ ۽ ان جي بالادستي جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ نمبر پورا آهن ۽ حڪومت کي 186 نمبر ڏيکارڻا پوندا، هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري جنهن کي چاهي اهو ئي ايندڙ وڏي وزير طور ايندو. لاهور ۾ ميڊيا ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اربع تي شام 4 وڳي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، بي اعتمادي واري رٿ جمع ٿيڻ بعد هاڻي اسيمبلي ٽٽي نٿي سگهي ۽ سمورا ميمبر به اهو ئي چاهين ٿا ته اسيمبليون نه ٽٽن. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي بچائڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين، ايندڙ وقت ڏڦيڙ جي سياست ڪندڙ قوتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جمهوري استحڪام ۽ پارليامينٽ جي بالادستي خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بلاول هائوس لاهور ۾ سياسي صورتحال بابت اهم اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي وزيراعظم ۽ چوڌري شجاعت سان ملاقاتن تي اعتماد ۾ ورتو ويو. ان کان اڳ ن ليگ جي اجلاس ۾ قانوني ٽيم پارٽي قيادت کي پنجاب جي وڏي وزير خلاف اعتماد جي ووٽ جي آپشن تي وڃڻ جي صلاح ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪنهن به غير آئيني قدم جو حصو نه بڻجنداسين ۽ پنجاب حڪومت بچائڻ لاءِ هر قدم کڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button