پاڪستانخيبرپختونخوا

بنون ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي جو عملو دهشتگردن هٿان يرغمال،2 اهلڪار شهيد،ڳالهيون ناڪام

خيبر پختونخوا جي شهر بنون ۾ ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس جي هيڊ ڪوارٽر ٿاڻي اندر حراست ۾ ورتل دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن کان رائيفل کسي سڄي عملي کي يرغمال بڻائي ورتو، فائرنگ ۽ مقابلي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻن اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي آپريشن باوجود آخري اطلاعن تائين ٿاڻي تي دهشتگردن جو قبضو برقرار هو. تفصيل موجب بنون ڇانوڻي ۾ سي ٽي ڊي جي مين پوليس ٿاڻي اندر حراست ۾ ورتل دهشتگردن جاچ دوران سيڪيورٽي اهلڪار کان رائفل کسي ورتي، جنهن بعد 20 دهشتگردن عملي کي يرغمال بڻائي ورتو. ڊي پي او بنون ڊاڪٽر اقبال تصديق ڪندي چيو ته فائرنگ ۽ مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي حالت ۾ جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڊي پي او موجب 20 کن گرفتار دهشتگرد سي ٽي ڊي سيل ۾ موجود هئا جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وئي، ڪنهن به دهشتگرد کي فرار ٿيڻ ناهي ڏنو ويو. ٻئي طرف سيڪيورٽي فورسز علائقي کي مڪمل طور سيل ڪري ڇڏيو، آپريشن ۾ هيليڪاپٽر ۽ اسپيشل ڪمانڊوز به حصو ورتو. ڪجهه اهلڪارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته دهشتگرد افغانستان ڏانهن محفوظ رستي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هوڏانهن پختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن بنون تي ڪنهن به حملو نه ڪيو آهي پر اتي موجود دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن کان هٿيار ڦري ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button