پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي دٻا ۾ اچي ويندو آهي، سمري ضرور موڪليندو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پرويز الاهي اجايو دٻا ۾ اچي ويندو آهي، هو اڃا به اسان سان گڏ آهي، مونس الاهي به اسيمبلين جي معاملي تي ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ايندڙ جمعي تي دما دم مست قلندر ٿيندو. زمان پارڪ لاهور ۾ پي ٽي آ سرگوڌا، خوشاب ۽ جهنگ جي اسيمبلي ميمبرن عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مجموعي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ اسيمبلي ميمبرن دانهن ڏني ته هاري ۽ آبادگار بدحال ٿي چڪا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، انهن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. عمران خان اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي دٻاءُ ۾ اچي ويندو آهي، هو اسان سان گڏ آهي، مونس الاهي به ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان جڏهن به چونداسين پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ لا سمري اُماڻي ڇڏيندو ۽ جمعي تي دما دم مست قلندر ڪنداسين. ٻئي طرف ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته امپورٽيڊ سرڪار ملڪ ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پاڪ- افغان سرحد تي افغان فوج جي حملن جو تدارڪ ۾ به ناڪام ٿيا آهن، اسان جا جوان، پوليس اهلڪار ۽ شهري پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جو خطرو، اولهندي سرحد وٽان حملن ۾ واڌ باوجود حڪومت جون سڀئي توانايون اين آر او- ٽو ۽ ان جي تحفظ ۾ لڳل آهن، چونڊون سياسي استحڪام ۽ معيشت مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهن، معيشت ڪمزور هجڻ باوجود هي چونڊن کان گهٻرائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button