پاڪستان

عام چونڊون تڪڙيون نظر نٿيون اچن،پرويز الاهي فيصلو ڪري ته 4- 5 مهينا ٻيا ڪڍي ويندو:چوڌري شجاعت

مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين کي عام چونڊون تڪڙيون ٿيندي نظر نه پيون اچن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته پنجاب ۾ سٺو ٿيڻ وارو آهي، ٽينشن وڌيڪ آهي پر مسئلي جو حل جلد نڪري ايندو، مون کي عام چونڊون تڪڙيون ٿيندي نظر نه پيون اچن، پرويز الاهي جيڪڏهن فيصلو ڪري ٿو ته 4 کان 5 مهينا ٻيا ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته منهنجو پي ڊي ايم سان نه پر آصف زرداري ۽ شهباز شريف سان رابطو آهي، منهنجي ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات سٺي رهي ۽ ڪا به ناڪاري ڳالهه نه ٿي، ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن تائين سياسي رابطا ۽ ملاقاتون جاري رهنديون، جنهن ۾ مستقبل جو سياسي لائحه عمل گڏجي طئي ڪنداسين. شجاعت حسين چيو ته پيپلزپارٽي (ن) ليگ وارا بي اعتمادي رٿ ۽ اعتماد جي ووٽ واري آپشن تي غور ڪري رهيا آهن، هنن وٽ ٻيا به آپشن هوندا، مون کي ته ٻنهي پارٽين ٻه آپشن ٻڌايا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جن وٽ بي اعتمادي رٿ جا ووٽ پورا نه آهن، اهي پنهنجو نمبر پورو ڪندا ۽ پو جنهن وٽ ووٽ پورا ٿيا اهو بچي ويندو، پنجاب جي معاملي تي ٽينشن وڌيڪ آهي پر منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ شيون ٺيڪ ٿي وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button