پاڪستانسنڌ

هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي سپر ٽيڪس تي عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي وڏي آمدني وارن تي لاڳو سپر ٽيڪس ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت پاران وڏي آمدني وارن شهرين تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف 100 کان وڌيڪ درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويو. عدالت 100 کان وڌيڪ درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي وفاقي حڪومت پاران لاڳو سپر ٽيڪس تي عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جو سيڪشن 4 سي 2023 کان لاڳو ٿيندو.

عدالت چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي فرسٽ شيڊول جي ڊويزن 2 بي جي پهرين شق، پارٽ ون غير آئيني آهي، ان ڪري عملدرآمد ٻن مهينن تائين معطل رهندو. عدالت چيو ته عبوري حڪم تحت جمع ڪرايل سيڪيورٽي موثر رهندي. واضح رهي ته فنانس ايڪٽ 2022 جي شقن جي آئيني حيثيت کي چئلينج ڪندي هڪ سئو کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون. درخواستن ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت فنانس ايڪٽ 2022ع ۾ ماضي جي ٽرانزيڪشن تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button