پاڪستانسنڌ

دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون ڏنيون ته دهشتگردن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن کي تيز ڪيو وڃي ۽ منظم حڪمت عملي ذريعي شهر مان اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙو اجلاس ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ خادم رند ۽ صوبائي انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد تنظيمون ۽ اسٽريٽ ڪرمنل ٻه وڏا خطرا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمون مستقل خطرو آهن، تنهن ڪري انهن خلاف موثر ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز ڪراچي جي شهرين ۾ خوف ۽ وڳوڙ پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو تعداد گهڻو ناهي جو انهن جو تعداد ايترو به نه آهي جو کڻي انهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پوليس ۽ رينجرز انهن (اسٽريٽ ڪرمنلز) خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو پلان تيار ڪن ۽ انهن هنڌن تي فورسز جي مقرري کي يقيني بڻائين جتي واقعا وڌيڪ آهن.

اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون ايتريون مضبوط ناهن پر انهن جي حرڪتن تي ڪڙي نظر رکي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان صلاح ڪندي پوليس سميت سمورن انٽيليجنس ادارن وچ ۾ ويجهن رابطن تي زور ڏنو ته جيئن حساس معلومات تي ترت ڪارروائي ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز رڳو ڊسمبر جي مهيني ۾ 7 ماڻهن کي قتل ڪيو. هن چيو ته اهو قبول جوڳو نه آهي ۽ حڪومت لاءِ چيلنج آهي تنهن ڪري آئون چاهيان ٿو ته پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ان خوف کي ختم ڪيو وڃي. پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن ذريعي شهر ۾ سرگرم ملوث ٽولن جو خاتمو آندو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال دهشتگردن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز سان 2258 مقابلا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 1259 گينگز تباهه، 16612 ڏوهاري گرفتار ۽ 204 ڏوهاري مارجي ويا. سنڌ جي وڏي وزير ڏوهارين جي چُرپُر کي روڪڻ لاءِ شهر ۽ صوبي جي اچ وڃ وارن رستن تي سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سٽي پوليس کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي لاءِ سندن خلاف ڀرپور ڪارروايون شروع ڪيون وڃن ۽ 15 ڏينهن اندر ان سلسلي ۾ هڪ جائزو اجلاس پڻ ڪوٺايو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ مختلف غيرقانوني مهاجر اچي رهيا آهن پر هاڻي انهن کي مستقل طور واپس ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو شهر ۾ غيرقانوني مهاجرن جو اچڻ وارو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿاريندس ته جيئن انهن کي سرحدن تي روڪي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button