پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا مشعل بردار ريلي

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو ۾ هفتو اڳ الائنس شگر مل ۾ بيدردي سان قتل ڪيل جنيد ملڪ جي قاتلن جي گرفتاري لا سول سوسائٽي پاران پرويز ملڪ، ڪامريڊ الياس احمد ملڪ، پير اف ڀرچونڊي ميان اسلم قادري، تعلقه بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل ساجد دايو ۽ وسيم ملڪ جي اڳوڻي ۾ مقتول جنيد ملڪ جي گهر کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي دوران مقتول جنيد ملڪ جون تصويرون هٿن ۾ کڻي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سخت احتجاج باوجود الائنس شگر مل ۾ جنيد ملڪ جا قاتل سرعام ويٺل آھن، پر پوليس 8 ڏينھن گذرڻ باوجود انھن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آھي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو انڪوائري ٽيم مقرر ڪئي آهي، پر اها به گم آهي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button