پاڪستانپنجاب

آصف زرداري سان چوڌري شجاعت جي ملاقات، وزيراعظم جو فون تي رابطو

وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال، پنجاب جي پوزيشن ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي طرف مسلم ليگ (ق) جو سربراهه چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملڻ لا بلاول هائوس لاهور پهچي ويو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪ ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪٻئي سان ڪجهه ڳالهيون شيئر ڪري مستقبل جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين سان گڏ چوڌري سالڪ حسين ۽ شفيع حسين به ملاقات ۾ موجود هئا. ياد رهي ته چوڌري شجاعت ۽ آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پڻ ملاقات ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button