تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي ٻن صوبن ۾ حڪومت آهي، پو به نين چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسيمبليون ٽوڙڻ اسان جو آئيني حق آهي، ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو واحد حل شفاف چونڊون آهن، جيڪڏهن نيون چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ سڀني جي هٿن مان نڪري ويندو. لاهور ۾ گورنر هائوس اڳيان تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي احتجاج کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز ليگ جا وزير اسان کي بار بار چئلينج ڪندا هئا ته اسيمبليون ٽوڙيو اسان اليڪشن لا تيار آهيون، هاڻي جڏهن اسان اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هڪ نه ٻه ٻه رٿون اچي ويون، اسان کي اعتماد لا به ووٽ ۽ بي اعتمادي رٿ لا به ووٽ ووٺڻا پئجي رهيا آهن، هنن تماشو لڳائي رکيو آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري اليڪشن کان ڊنل آهن، ڇاڪاڻ ته هنن کي خبر آهي ته قوم کين چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيندي، جڏهن ته ملڪ کي دٻڻ مان ڪڍڻ جو واحد رستو صاف ۽ شفاف چونڊون آهن. هن چيو ته مون 70 سالن ۾ قوم کي اونداهين ۾ ويندي نه ڏٺو پر هينئر اسان جو ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت کي هڪ شخص ڪيرايو، مان سڀني ادارن، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا سان مخاطب آهيان، هي اسان سڀني جي گڏيل جنگ آهي پر هن جنگ ۾ اُهي ماڻهو شريڪ نه آهن جن جو پئسو پرڏيهه ۾ پيل آهي، اسان سان هڪ ماڻهو دشمني ڪئي، 70 سيڪڙو پاڪستاني چون ٿا ته مسئلن جو حل شفاف چونڊون آهن پر هڪ شخص تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پهريان ڪيسن ذريعي مونکي آئوٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ناڪام ٿي ويو ته مونکي قتل ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري حملو ڪرايو ويو، پي ٽي آءِ جي عوامي حڪومت کي ڪيرائي چورن کي تخت تي ويهاريو ويو ، اسان سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو ڄڻ اسان ڪي غدار آهيون، 8 مهينن ۾ ڪجهه به بهتر ناهي ٿيو، دهشتگردي به وڌي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close