بلوچستانپاڪستان

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ 5 دستي بم ڌماڪا،15 ماڻهو زخمي

ڪوئيٽا :بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ 5 دستي بم ڌماڪا ٿيا، 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ڪالهه بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ٻه دستي بم ڌماڪا ٿيا، حب، خضدار ۽ تربت ۾ هڪ هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪوئيٽا جي سبزل روڊ تي پهريون دستي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي لسبيلا دوستين دشتي موجب حب ۾ ٽئين دستي بم ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهتو. ايس ايس پي خضدار فهد کوسا جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ جيلاني چوڪ وٽ پوليس جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، دستي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ سمورا اهلڪار محفوظ رهيا پر پوليس گاڏي ۽ دڪانن کي نقصان پهتو. پنجون دستي بم ڌماڪو تربت جي تعليم چوڪ تي ٿيو، ايس ايس پي ڪيچ محمد بلوچ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ان کان اڳ ڪوئيٽا جي علائقي سبزل روڊ ويجهو دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي ۽ عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب سبزل روڊ تي ڌماڪي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال نيو ويو آهي. سول اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي جا زخمي اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ آهن، زخمين ۾ ٻارڙي ۽ هڪ عورت به شامل آهي، زخمين جي سڃاڻپ عبدالقيوم، زبير احمد، ڪائنات ۽ بي بي جي نالن سان ٿي آهي. پوليس موجب ڌماڪي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ڌماڪي واري هنڌ موجود هڪ ٻئي دستي بم کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو ۽ دهشتگردن خلاف ڪاررائيون جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button