بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪو،ڪئپٽن سميت 5 جوان شهيد

ڪوئيٽا : بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ بارودي سرنگهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڪئپٽن سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي علائقي ڪاهان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪليئرنس آپريشن دوران بارودي سرنگهه ۾ ڌماڪو ٿيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ ڪيپٽن فهد، لانس نائيڪ امتياز، سپاهي اصغر، سپاهي مهراڻ، سپاهي شمعون شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن ڌرين جون بزدلاڻيون ڪارروائيون بلوچستان جي امن ۽ خوشحالي کي ختم نٿيون ڪري سگهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ ملڪ جا جوان هر قيمت تي دشمن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. ٻئي پاسي ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو. جڏهن ته پنجن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي بعد ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button