لاهور :ڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يارنهن جنوري کان اڳ پنجاب ۾ اعتماد جو ووٽ وٺنداسين. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو. هن چيو ته لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ اپريل ۾ چونڊون ڪرائيندي. جڏهن ٻه اسيمبليون ٽٽنديون ته چونڊون ڪرائڻيون پونديون، اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ چونڊون رولڙي جو شڪار ٿيون ته اسان کي پوءِ به فرق نه پوندو. سندس چوڻ هوته اسان فوري طور اسيمبليون انڪري نه ٽوڙيون جو اتحادين کي به راضي ڪرڻو هو ۽ اسان يارنهن جنوري کان اڳ پنجاب اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺنداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته قانون جي حڪمراني ذريعي عدل ۽ انصاف سمورين شهرين کي قانون جي نظر ۾ برابر بڻائي ٿو. اسان قائدِاعظم محمد علي جناح جو پاڪستان جو تصور حقيقت ۾ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ قانون جي حڪراني کي قدم ڄمائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، ملڪ تي اشرافيه جي قبضي مافياز ۽ ادارن کي قانون کان مٿانهون بڻائي ڇڏيو ڄڻ اِهو سندن حق هجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close