پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ خودڪشين تي ڪنٽرول نه ٿيو، 5 سالن اندر 617 ماڻهن موت کي ڳلي لڳايو

ڪراچي: ٿر ۾ خودڪشي جا واقعا بند نه ٿي رهيا آهن ۽ هر سال وڌي رهيا آهن. ميڊيا رپورٽ موجب ٿر ۾ اربين ڊالرن جي توانائي منصوبن سان پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي پر ٿر جي رهواسين جي زندگين ۾ تبديلي ناهي اچي رهي. احساس محرومي، تعليم جو فقدان، سماجي اڻ برابري، ماساتن، ماروٽن، سئوٽن ۽ ٻين رشتيدارن ۾ شادي نه ڪرائڻ خودڪشي جا وڏا سبب قرار ڏنا پيا وڃن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر سال خودڪشي جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، گذريل پنجن سالن دوران 617 ماڻهن خودڪشي ڪئي، جن مان 476 ماڻهن جو تعلق اقليتي برادري سان آهي، جن ۾ 345 عورتون شامل آهن.

انگن اکرن موجب 2017 ۾ 78 ماڻهن حياتيون وڃايون، جڏهن ته 2018 ۾ اهو انگ 100 تائين پهچي ويو. 2019ع ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي پر هن سال به 84 ڄڻن خودڪشي جي واقعن ۾ خودڪشي ڪئي. 2020 ۾ 113 ماڻهن خودڪشي ڪئي، جڏهن ته 2021 دوران 116 واقعا ٿيا ۽ 2022 دوران 126 ماڻهن موت کي پنهنجي ڳلي لڳايو. نفسيات جي ماهرن موجب خودڪشي جي واقعن کي شهرين جي رهڻي ڪهڻي، ذهني ۽ جسماني ترقيءَ لاءِ راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ جديد علاج جي طريقن سان روڪي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button