پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کي نئون خط، ڪراچي ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي نئون خط لکڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ ستون ڀيرو ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هڪ ٻيو خط اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن جي تڪن جي درستي ۽ تبديلي لاءِ خط لکيو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو به حوالو ڏنو آهي.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ مڪاني ادارن جي تڪن ۾ تبديلي بابت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي راءِ، قانوني نقطا به شامل ڪيا ويا آهن. جنهن سبب ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي تڪن ۾ تبديلي جو امڪان آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ جو به امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي لکيل خط تي فيصلو ڪندي. واضح رهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻيون آهن، جڏهن ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن جي روشني ۾ تڪ بندين تي نظرثاني ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button