پاڪستانسنڌ

قائد اعظم اقليتن جي آزادي جي واضح ضمانت ڏني هئي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته قائد اعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي اقليتن جي آزادي جي واضح ضمانت ڏني هئي. مراد علي شاهه قائد اعظم محمد علي جناح جو حوالو ڏيندي چيو ته توهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، توهان پنهنجين مسجدن يا ڪنهن ٻي عبادت گاهه ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، ڪنهن به مذهب، ذات يا فرقي سان تعلق رکڻ جو رياستي ڪاروبار سان ڪوبه تعلق ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور به ساڳيو آهي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، ايم پي ايز، پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن ۽ صوبي جي ٻين ضلعن جي اقليتي ونگ جي عهديدارن، ڪارڊينل جوزف سميت ڪائوٽس، بشپ ڪليم جون اورپينٽي ڪوسٽل چرچ جي فردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل ڪجهه سال اسان سڀني لاءِ ڪرونا وبا ۽ غير يقيني صورتحال سبب تڪلف ۾ رهيا پر تنهن هوندي اسان ثابت قدم آهيون ۽ هميشه هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ان خوشين کي نظر ۾ رکندي نئين سال ڏانهن وڌي رهيا آهيون، اميد آهي ته نئون سال اسان سڀني لاءِ امن جو پيغام آڻيندو. مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه اقليتن جي حقن جو احترام ڪيو آهي. ان موقعي تي اقليتي معاملن واري وزير گيانچند ايسراڻي، ايم پي اي لالچند اڪراڻي، ڪارڊينل جوزف ڪائوٽس ۽ پ پ ايم پي اي نويد انٿوني پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button