پاڪستانسنڌ

عمران خان نٿو چاهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي: مرتضى وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير لاهور ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي، عمران خان نٿو چاهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اپوزيشن ۾ هوندي به بلاول ملڪي ادارن جو بچاءُ ڪيو، ٻوڏ آئي ته عمران خان سنڌ جو دورو نه ڪيو، عمران خان جو گڏ ڪيل پئسو ڪاڏي ويو؟ هو جيڪا خيرات وٺندو آهي اها ڪاڏي ويندي آهي؟ هن چيو ته بلاول پاڪستان جو ڪيس دنيا سامهون رکيو، سنڌ حڪومت هن وقت متاثرن کي رليف ڏئي رهي آهي، 1 ڏهائي 5 ارب ڊالرن سان سنڌ حڪومت گهرن جي بحالي ڪندي.

مرتضى وهاب جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ترقي سان حافظ نعيم کي تڪليف ٿيندي آهي، ڪراچي کي هاڻي بهتري گهرجي، وڌيڪ مايوسي نٿا چاهيون. هن چيو ته هاڻ عارف علوي تسليم ڪري رهيو آهي، عمران خان محسنن کي به نه بخشيو، عمران خان بيان ڏئي يوٽرن وٺندو آهي، پوءِ چوندو آهي ته يوٽرن وارو ليڊر هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button