پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف جسقم، ش ڀ جو احتجاج

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ ڏهھ ڏينھن اڳ الائنس شگر مل اندر بيدردي سان قتل ڪيل مل ملازم جنيد ملڪ جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، جنهن خلاف جسقم جي اڳوڻي وائيس چئيرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ روادري تحريڪ جي چيئرمين پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ گورنمنٽ ڄام ممتاز ڊگري ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي گشت بعد مک چوڪ تي پهتي. جڏهن ته جنهن خلاف جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ الياس ملڪ ۽ پنهل ساريو جي جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو سوين ماڻھن ڌرڻو هنيو. جڏهن ته پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ الياس ملڪ جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڌرڻي دوران شگر مل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪلاڻي ۽ پنهل ساريو ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته الائنس شگر مل اتنظاميا مل اندر ملازم جنيد ملڪ کي بيدردي سان قتل ڪري لاش ڪميڪل واري تلا ۾ اڇلايو آهي، جنهن کي 10 ڏينهن کان مٿي ٿي ويا آهن، پر افسوس آهي پوليس هن مهل تائين نوجوان جنيد ملڪ جو قتل ڪيس الائنس شگر مل انتظاميا خلاف داخل ناهي ڪري سگهي، شگر مل انتظاميا قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏئي مقتول جي خون کي لوڙهڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن هفتي ۾ نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته الائنس شگر مل جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button