پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري لڳ بااثر شخص پورهيت جي دڪان ۽ پلال کي مبينا باھه ڏئي ڇڏي

پيرولاشاري: پيرولاشاري لڳ بااثر، پورهيت جي دڪان ۽ پلال کي مبينا باھه ڏئي ڇڏي، ڳوٺاڻن پھچي دڪان بچائي ورتو، پلال سڙي رک ٿي ويو، خبر موجب پيرولاشاري لڳ ڳوٺ عارب ملاح جي ڳوٺاڻن مولوي محمد عيسى ملاح، محمد رمضان ملاح، محمد ملاح ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته بااثر علي احمد ملاح نشي ۾ ڌت ٿي اچي اسان جي دڪان کي باھه ڏني، جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن پھچي پنهنجي مدد پاڻ تحت دڪان کي سڙڻ کان بچائي ورتو. جڏهن ته دڪان سان گڏ رکيل 4 سئو مڻ جو پلال سڙي رک ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بااثر شخص اسان کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر ڳوٺاڻي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button