اسلام آبادپاڪستان

ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز آپريشن ڪري 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي:ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورسز دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪمانڊر حفيظ الله عرف تور حافظ ۽ ٻه آپگهاتي بمبار به شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان ادري موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ آيو، اهي پوليس جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button