پاڪستانسنڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو عليزه آرڪيڊ جي غيرقانوني اڏاوت ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس جي مدد سان ڪراچي جي عليزه آرڪيڊ جي غيرقانوني چوٿين ماڙ کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني اڏاوت ڪيس جي شنوائي ٿي. ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته عليزه آرڪيڊ جي گرائونڊ پلس ٿري اڏاوت جي اجازت آهي، عدالت چيو ته هي 5 ماڙ عمارت ڪيئن ٺهي وئي ڇا ايس بي سي اي آفيسر خاموشي سان ويٺا رهيا، وڪيل چيو ته بلڊر محمد احمد واحدي جي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جسٽس ظفراحمد راجپوت چيو ته ڪيس 2016 ۾ داخل ڪيو، ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪيس جي پيروي ڇو نه ڪئي.

ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته اسان چوٿون فلور ڊاهڻ وياسين پر رهواسين جا ٻارڙا اڳيان اچي ويا، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان پاڻ ٻارڙن کان ڊڄي واپس اچي ويا؟ جن آفيسرن جي پوسٽ دوران اڏاوت ٿي انهن جي خلاف ڇا ڪارروائي ٿي؟ ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته آفيسرن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. عدالت اڏاوت نه ڪيرائڻ تي ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين تي ڪاوڙجي پئي. جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏنا ته واضح ڪري چڪا آهيون ته غيرقانوني اڏاوت ڪندڙ رڳو بلڊرز جي خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، ڪارروائي نه ڪندڙن کي به نه ڇڏينداسين، جيڪڏهن هڪ پلر به غيرقانوني تعمير ٿيندو ته ايس بي سي اي آفيسر عمارت کي سيل ڪري سگهن ٿا.

عدالت چيو ته هتي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني اڏاوتون ٺهي رهيون آهن، غيرقانوني اڏاوت ڪندڙ سمجهي رهيا آهن ته ڪوئي ڪجهه نٿو ڪري سگهي. جسٽس فيصل ڪمال چيو ته ڪٿي ڪٿي رڳو ڪاسميٽڪ ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي، ڪارروائي ڪريو ۽ الاٽيز کي معاضو ڏياريو، عدالت پوليس جي مدد سان عليزه آرڪيڊ جي غيرقانوني 4 ماڙ کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت 9 ڊسمبر تي ايس بي سي اي کان ڪارروائي ڪري رپورٽ به گهري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button