پاڪستانسنڌ

نادرا جو ڪراچي ۾ 2 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي: نادرا عملدارن پاران ڪراچي ۾ 2 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نادرا عملدارن پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻهراڙي سنڌ جي شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي، سنڌ ۾ وڌيڪ 3 ميگا سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻه ميگا سينتر ڪراچي جڏهن ته هڪ حيدرآباد ۾ ٺاهيو ويندو، ٽنهي ميگا سينٽرن کي ٽن شفٽن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪراچي ۾ اوڀر ضلعو ۽ ملير ۾ هڪ هڪ ميگا سينٽر قائم ڪيو ويندو، لياقت آباد ۽ ڪورنگي نادرا رجسٽريشن سينٽرن جي مرمت کان پوءِ شهرين کي هڪ بدران ٻن شفٽن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button