پاڪستانسنڌ

ٽن سالن کان عمران خان پارليامينٽ کان ڀڄي رهيو آهي: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان نيازي جي پارليامينٽ کي غيرموثر بڻائڻ جي سازش ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان عمران خان پارليامينٽ کان ڀڄي رهيو آهي، جڏهن ته ھاڻي نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.

ھن چيو ته پارليامينٽ ذريعي ئي اقتدار ۾ ويٺل نااھل وزيراعظم کي پارليامينٽ ذريعي ئي ھٽائي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمت عملي سان ئي قوم کي نااهل وزيراعظم کان نجات ملندي ۽ ھاڻي عمران خان قومي اسيمبلي ۾ اعتماد ۽ اڪثريت وڃائي چڪو آهي ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم وانگر سندس صلاحڪار به ڪوڙ ڳالهائڻ جا ماهر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button