
اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان اپيل ڪئي آهي ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري. ڪالهه ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ افغان عوام سان گڏ بيٺل رهيو. افغان پرڏيهي وزير ۽ وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته افغان ڀائرن جون انساني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته افغان عوام لاءِ اسان خوراڪ، دوائون ۽ شيلٽرز موڪلي رهيا آهيون، افغان بارڊر کان پاڪستان ايندڙ شهرين کي مفت ڪووڊ ويڪسين لڳائي پئي وڃي. افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري.