اسلام آبادپاڪستان

قسم کڻي چوان ٿو ٽي ايل پي سان ٿيندڙ معاهدي جي خبر ناهي:شيخ رشيد

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ٽي ايل پي سان ٿيندڙ معاهدي جو مون کي علم ناهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسپيڪر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو هوندو، اتحادين جون شڪايتون هونديون آهن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڳتي هليو ويو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، بهتري جي ڳالهه ٿيندي. هن چيو ته مان ڳالهين جو حامي آهيان، سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، مان پهرئين ڏينهن کان ٽي ايل پي سان ڳالهين جو حامي هيس، مان رتوڇاڻ جو حامي ناهيان. ٽي ايل پي سان معاهدي بابت سندس چوڻ هو لفافو کلڻ سان سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي، قسم کڻي چوان ٿو ته مون کي خبر ناهي ٽي ايل پي سان ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي، ٽي ايل پي سان ٿيندڙ پهرئين معاهدي ۾ شامل هيس ۽ پنهنجي صحيح تي قائم آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button