ٺٽو: ڪينجهر ٿاڻي تان 3 ڏينھن اڳ مڪلي ٿاڻي تي بدلي ڪيل ڪينجھر ڍنڍ کنڀو مياڻ ڳوٺ عبدالله گندرو جي رھواسي پوليس اھلڪار امجد گندرو کي جيلاني ھائوس مڪلي تي ڊيوٽي لا مقرر ڪيو ويو، جنهن کي ڊيوٽي دوران گذريل رات دير سان بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪري سندس لاش قبرستان ڀرسان پاڻي جي کڏي ۾ اڇلايو ويو، جتان سندس سرڪاري رائيفل پڻ پوليس کي ھٿ آئي آھي، اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتل پوليس مقتول اهلڪار جو لاش کڻائي سول اسپتال مڪلي آندو، اهلڪار کي 3 گوليون لڳل آھن، جن مان 2 گوليون پويان ۽ ھڪ سامھون لڳل آھي، جيڪا آر پار ٿي وئي آھي، گوليون لڳڻ ڪري سندس ڄنگهه به ٽٽي وڃڻ سان گڏ ساڄي پاسي گوليون لڳڻ واري ھنڌ وٽان ڌڪن جا نشان به ظاھر آھن. پوليس موجب وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، اهلڪار کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، جاچ جي ڌائري کي وڌايو ويو آهي، جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف مقتول پوليس اھلڪار امجد گندرو جي وارثن موجب سندن ڪنھن سان به ڪا دشمني ناہي، سندن نوجوان پوليس اھلڪار جي 3 ڏينھن اڳ ڪينجھر کان مڪلي ٿاڻي تي بدلي ٿي ھئي، جنھن کي جيلاني ھائوس مڪلي تي مقرر ڪيو ويو ھو. ھنن چيو تہ ظالمن وڏو ظلم ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آھي. ھنن گھر ڪئي ته سندن نوجوان پوليس اھلڪار جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف شھيد امجد گندرو جو لاش ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي پوليس لائين مڪلي پھچائي غسل ڏيڻ بعد کيس سلامي ڏئي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. شھيد جي وارثن گھر ڪئي ته اھلڪار امجد گندرو کي شھيد قرار ڏئي سموريون مراعتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close