اسلام آبادپاڪستان

عمران جي هيليڪاپٽر تي ٽن سالن ۾ 43 ڪروڙ 44 لک خرچ

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر جي خرچن جو تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن مطابق ٽن سالن ۾ عمران خان جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر تي 43 ڪروڙ 44 لک رپيا خرچ ٿيا. سينيٽ ۾ پيش ڪيل تفصيل مطابق اڳوڻي وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر کي وي وي آئي پي مشنز جو نالو ڏنو ويو آهي. هيليڪاپٽر جي استعمال جو تفصيل سال 2019 کان مارچ 2022 تائين پيش ڪيو ويو آهي. هيليڪاپٽر تي خرچن جي مد ۾ 2 لک 75 هزار رپيا في ڪلاڪ ڪاٿو لڳايو ويو. دستاويز مطابق اڳوڻي وزيراعظم ڪل هڪ هزار 579 ڏهائي 8 ڪلاڪ هيليڪاپٽر استعمال ڪيو. سال 2019 ۾ 4 سئو 79 کان وڌيڪ ڪلاڪ هيليڪاپٽر استعمال ڪيو ويو. دستاويز مطابق هيليڪاپٽر جي استعمال تي 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچن جو ڪاٿو لڳايو ويو. سال 2020 ۾ 522 ڪلاڪن جي مد ۾ خرچ 143 ملين رپين کان وڌيڪ آيا. دستاويز مطابق سال 2021 ۾ اڳوڻي وزيراعظم 450 ڪلاڪ هيليڪاپٽر استعمال ڪيو. سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال جي مد ۾ 123 ملين رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو. دستاويز مطابق جنوري 2022 کان مارچ 2022 تائين هيليڪاپٽر 127 ڪلاڪ استعمال ٿيو. عمران خان جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر جي ان دوران خرچن جو ڪاٿو 35 ملين رپين کان وڌيڪ لڳايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button