پاڪستانسنڌ

ٿر واسين کي پنهنجي زمين ۽ ڪَلچر بچائڻ جا جتن ڪَرڻا پوندا:عارف حسن

مٺي: مٺي ۾ ٿرپارڪر ۾ ايندڙ ڏُڪارن، ٿيل ترقي ۽ رونما ٿيل سماجي تبديلين بابت ملڪ جي نامياري ترقياتي مشاورت ڪار، شهري رٿابندي جي ماهر انجنيئر، آرڪيٽيڪٽ ۽ پرڳڻي جي محقق عارف حسن جي انگن اکرن تي لکيل اَهم ڪتاب “ٿرپارڪر، ڏُڪار، ترقي ۽ سماجي تبديلي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي. بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس جي آڊيٽوريم ۾ سماجي تنظيم سهڪار سان اربن ريسورس سينٽر ۽ عُشبه پبليڪيشن واسطي ڪوٺايل مهورتي ميڙاڪي کي ڪتاب جي مصنف عارف حسن خطاب ڪندي چيو ته ٿر واسين کي پنهنجي زمين ۽ پنهنجو ڪَلچر بچائڻ جا جتن ڪَرڻا پوندا، ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپنيون يا غير مقامي ماڻهو توڙي سرمائيدار ٿر جون زمينُون مهانگين ملهن ڌَڙا ڌَڙ ڳهي رهيا آهن. سيڙپڪاري يا ترقي جي نالي ٿيندڙ هن عمل جا انتهائي ڀيانڪ نتيجا برآمد ٿي سگهن ٿا. هن اهو به چيو ته “ماڻهو جِي سڀ کان وڏي ملڪيت اُن جي زمين ۽ اُن تي هن جي پنهنجي اَختياري هُوندي آهي، اُترئين علائقن ۾ جِن مقامي ماڻهن پنهنجون زمينون ڳرين پرڪشش آڇن عيوض غيرمقامي آبادين کي وِڪرو ڪرڻ واري غلطي ڪئي، اُهي پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب نه بچائي سگهيا، ترقي جي غلط ڌارا ۾ وهي پنهنجو دائمي نُقصان ڪرائي ويٺا، پر جن بستين پنهنجون زمينون ۽ اُنهن تي پنهنجو اَختيار پنهنجي هٿ وس ئي رکيو، اُهي ئي پنهنجو ڪلچر ۽ پنهجي سڃاڻپ بچائڻ ۾ ڪامياب ويا. هن وڌيڪ چيو ته آئُون ٿر ۾ 1976ع کان تحقيقي دورن ۽ جائزن جي ڏس ۾ ايندو رهيو آهيان، ٿر ۾ سماجي، معاشي، اقتصادي، ثقافتي، صنفي، زميني ۽ پيشيوراڻن لحاظن کان وڏيون تبديليون اچي چڪيون آهن، ڪيترائي پراڻا نظريا مٽجي چُڪا آهن. 1971ع جي پاڪ-ڀارت بلوي جي نتيجي ۾ ٿر جي تباهه شهر ڇاڇري جي ٻيهر بحالي، اَڏاوت ۽ آبادڪاري جي سلسلي ۾ آئُون سڀ کان اول 1976ع ۾ ڀُٽو حڪومت ۾ هتي پنهنجي تحقيقي ٽيم ساڻ آيو هئس، پر پوءِ ضيائي مارشل لا جي ڪري اُهو خُواب ساڀيا نه ٿي سگهيو ۽ ٿر جي تبديلي ۽ ترقي متعلق اسان جون ڪيل سفارشون اُتي جو اُتي ڪَٻاڙ خاني ۾ رهجي ويون ۽ ٿر ڀوڳيندو رهيو. ٿر متعلق مون ڪتابن کان وڌيڪ هتان جي بزرگن، ڪيل فيلڊ دورن ۽ صديون پراڻي مقامي لوڪ ڏاهپ مان ئي سکيو آهي. ٿر جا زيرِ زمين پاڻي جا قُدرتي ذخيرا به اهڙي غير ضمانتي ترقي جي نتيجي ۾ تيزي سان ختم ۽ تباهه ٿي رهيا آهن، جن جي ٻيهر ڀرائپ تي به ڪو غور وِيچار نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته “تحقيقن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ٿر ۾ آيل ڏُڪارن کان وڌيڪ هتي بنيادي سهولتن جي اَڻ هُوند ۽ اچ وڃ جي آزارن ماڻهن توڙي مال متاع کي بيحد متاثر ڪري اَجلُ جو شڪار بڻايو آهي. مشرف دور کان ٿر ۾ روڊن رستن جي وِڇايل ڄار هاڻ هن خطي کي پاڻ ۾ توڙي پرڳڻي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. مواصلاتي ترقي، رابطا ڪاري جي نون نون موقعن ۽ وسيلن، آهتپڻي کان روڪڙي ڏي رخ موڙي ڇڏيندڙ معشيت ۽ مارڪيٽ يا منڊي جي وڌندڙ ڪردار ٿر جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. 5 ڏهاڪا اَڳُ هتي ذات پات جو سوال شهرن ۾ به وجود رکندو هو. هاڻ شهرن ۾ تعليم مهابي ذات پات جا ويڇا به گهڻو گهٽجي ويا آهن، پر اسان کي ٿر جي ترقي کي صحيح رخ ۾ موڙڻو ۽ اُن جو قبلو دُرست رکڻو آهي. تقريب ۾ ليکڪ پِروفيسر نُور احمد جنجهي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪتاب اسان کي ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو ته ٿر کي انسان دوست، ماحول دوست ۽ فطرت دوست ترقي جي ضرورت آهي، نه ڪي اهڙِي ترقي جي غرض آهي، جيڪا رڳو کيسا ڀرڻ، ڀڀ ڀرڻ، مال ميڙڻ يا ٿر جون سيمون ۽ دنگ دڙا اجاڙي ۽ فطرت جي بيخ ڪني ڪري ڪئي وڃي. هن ڪتاب ۾ ٿر جي مستقبل جي سوالن ۽ اَمڪاني خدشن جو پيرائتو وِچُور موجود آهي. هيءُ ڪتاب ڌرتي سان پيار ڪندڙن ۽ ترقيءَ ۾ توازن برقرار رکي پنهنجو تشخُص سلامت چاهيندڙن لاءِ آهي. هيءُ ڪتاب ارون ڌتي راءِ ۽ گريٽ ٿمبر جهڙن روحن جِي رهنمائي ڪندڙ آهي. اسان کي دُنيا سان گڏ ترقي ڪندي پنهنجو توازن به برقرار رکڻو آهي. زميني وسيلن ۽ ثقافتي سڃاڻپن کي نيلام ۽ تين وال ٿين کان بچائي پنهنجي ڪلچر جي بقا به بخُوبي ڳولڻي آهي. صدارتي ايوارڊ يافتا سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻي چيو ته عارف حسن ٿر جي ڌرتي سان پِيار ڪندڙ محقق آهي، هن ٿر لا پنج ڏهاڪن کان پاڻ اَرپي ترقيات جي ڪارڪُنن جي صحيح رهنمائي ڪئي آهي. هن جي رهنمائي ترقي جي مثبت ۽ غريب پرور پهلُوئن جو تعين ڪري ٿي. جيڪڏهن ٿر ۾ ٿيندڙ ترقي جو قبلو دُرست نه رکيو ويو ته ان جا ايندڙ خراب نتيجا نَروار ٿي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button