پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ اٽو مهانگو، تحريڪ انصاف جو مظاهرو

سرهاڙي: سرھاڙي شهر ۾ چڪين ۽ مگسي فلور مل مالڪن پاران 120 کان 130 کان في ڪلو وڪرو ڪرڻ خلاف شهرين ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وين اسٽاپ کان مرتضى جمالي، سچل جمالي، صدورو بروهي، ميهرالله بروهي، اصغر جمالي، دينل ملاح ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان کي اٽو 120 کان 130 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار چڪين ۽ فلور مل مالڪن کي ڪڻڪ سرڪاري اگھه تي ڏي ٿي، پر اهي اسان کي اٽو بليڪ تي وڪرو ڪري ڦري رهيا آهن، سرڪاري اسٽال تان به اٽو من پسندن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته چڪي ۽ فلور مل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگھه تي اٽو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button