پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ ٻن عورتن جا پيٽ ۾ ٻار فوت، نرس برطرف

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ ڳورهاري ٻن عورتن جا ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويا، وارثن جي احتجاج تي اسپتال انتظاميا هڪ نرس کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو جي غير ملڪي اسپتال لو اينڊ ٽرسٽ ۾ ٻن ڳورهاري عورتن جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا. ٿر جي ڳوٺ رڻڇي جو تڙ جي رهواسي علي حسن راهمون جي 35 سالن جي ڳورهاري زال زهرى کي وارث ايمرجنسي حالت ۾ کڻائي آيا. وارثن موجب خانگي اسپتال ۾ 8 ڪلاڪن تائين ڳورهاري عورت تڙپندي رهي، ڊيوٽي تي موجود نرسن ۽ عملي کي منٿون ڪرڻ باوجود ڪنهن به ويم نه ڪرايو، الٽو اسان سان بدتميزي ڪئي، اسٽاف جي غفلت سبب ٻار عورت جي پيٽ ۾ فوت ٿي ويو، ٻار پيٽ ۾ فوت ٿيڻ بعد صبح جو آپريشن ڪيو ويو. ٻئي پاسي وارثن ٻار جو لاش کڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد اسپتال جي جنرل مئنيیجر انور سنڌو معاملي جي جاچ ڪري ذميواري قبول ڪرڻ بعد لاپرواهي ڪندڙ نرس صباح داني ايل کي نوڪري تان فارغ ڪري ڇڏيو ۽ اهڙو ليٽر جاري ڪري عورت جي وارثن کي ڏنو. ٻئي پاسي ڳوٺ بينڊاڻي جي رهواسڻ پوران زال هرڳڻ ميگھواڙ جو ٻار به پيٽ ۾ فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button