پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ مهانگائي ۽ بدامني خلاف جماعت اسلامي جي ريلي

شاهپورچاڪر: شاهپور چاڪر ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، وڌندڙ بدامني ۽ حڪومتي پاليسن خلاف جماعت اسلامي جي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي جماعت اسلامي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ظھير احمد جتوئي، ضلعي نائب امير رفيق منصوري ۽ جماعت اسلامي شاهپور چاڪر جي امير مسرور احمد خان جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار جي مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي غلط فيصلن سبب مهانگائي عروج تي پهتل آھي، غريب مزدور طبقي سان گڏو گڏ سفيد پوش طبقو پڻ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، هن حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني جو ٽڪر به کسي ورتو آھي. عوام پي ڊي ايم حڪومت خلاف گهرن کان ٻاهر نڪري رهيو آھي. بجلي، گئس، اٽو، دالون ۽ گيهھ هر شي عوام کي وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته مهانگائي سان گڏوگڏ بدامني پڻ عروج تي پهتل آھي، عوام جي جان مال کي ڪو تحفظ حاصل ناهي. هنن چتاءُ ڏنو ته عام واهپي جي شين جا اگھه گهٽائي بدامني تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته جماعت اسلامي ڪراچي ۽ اسلام آباد جو رخ ڪندي. ان موقعي تي جماعت اسلامي شاهپورچاڪر جي نائب امير سلطان احمد ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button