پاڪستانسنڌ

يوسي لانڍي ۾ سرڪاري مشينري استعمال ڪري مون کي هارايو ويو:اسلم لغاري

چمبڙ: تحريڪ انصاف ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ بلدياتي اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ٽنڊوالھيار جي ضلعي صدر ايڊووڪيٽ اسلم لغاري چمبڙ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جمهوريت جي نالي عوام سان مذاق ڪيو ويو آهي، پولنگ اسٽيشنن تي سرعام ٺپا ھنيا ويا، ھن وقت تائين اليڪشن ڪميشن ڪا به ڪاروائي ناهي ڪري سگهي. يوسي لانڍي ۾ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري مونکي زبردستي ھارايو ويو، کٽيل پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، پولنگ اسٽيشن علڻ خان لغاري تي سرعام ٺپا ھڻي پ پ اميدوار کي کٽرايو ويو، پولنگ اسٽيشنن کي وڏيرن پنهنجي اوطاقن وانگر استعمال ڪيو، ان دوران اليڪشن ڪميشن بيوس نظر آئي، وڏيرن جي گھر جي ماڻهن کي پولنگ آفيسر مقرر ڪري ڌانڌلي ڪئي، عوام جو ووٽ چورائٔڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ڀاڱي ڀائٔيوار آهي. ھن چونڊ نتيجا رد ڪندي مطالبو ڪيو ته ٻيھر شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ھن انڪشاف ڪيو ته مڪاني چونڊ ۾ پ پ جي ھڪ گروپ سان ايڊجسٽمينٽ ٿي ھئٔي، پر ان جي ابتڙ پ پ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت پوري مشينري لاھي مونکي زبردستي ھارايو ويو. ھن چيو ته بدترين ڌانڌلين باوجود اسان ضلعي مان اتحادين جي مدد سان 15 کان وڌيڪ سيٽون کٽي چڪا آھيون، جن جا چونڊ نتيجا روڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button