پاڪستانخيبرپختونخوا

ناميارو وڪيل ۽ قانوندان لطيف آفريدي پشاور هائيڪورٽ بار اندر قتل

پشاور ۾ سينيئر وڪيل ۽ قانوندان عبداللطيف آفريدي کي هٿيار کڻي پهتل شخص ها ڪورٽ بار جي احاطي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي پڪڙي ورتو آهي. مليل رپورٽ مطابق 69 سالن جي نامياري وڪيل لطيف آفريدي تي پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي احاطي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد لطيف آفريدي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب عبداللطيف آفريدي کي 6 گوليون لڳيون، فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ عدنان جي نالي سان ٿي، جيڪو سائل طور آيل هو. فائرنگ جي واقعي بعد پشاور هاءِ ڪورٽ بار جا در بند ڪري سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا. پوليس موجب شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني لڳي ٿو پر وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، اهو به پتو لڳائينداسين ته جوابدار پستول اندر ڪيئن کڻي ويو ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ڪير سندس مددگار هو.  ايس ايس پي پشاور ڪاشف عباسي ٻڌايو آهي ته سينيئر وڪيل لطيف آفريدي ها ڪورٽ جي بار روم ۾ ٻين وڪيلن سان گڏ ويٺل هو ته هٿياربند مٿس فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي سڃاڻپ عدنان آفريدي جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مقتول جو مائٽ هو، جوابدار وٽان هٿيار، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ هڪ اسٽوڊنٽ ڪارڊ به هٿ آيو آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته حملو ڪندڙ عدنان آفريدي جو سئوٽ آفتاب آفريدي سوات ۾ دهشتگردي روڪ عدالت جو جج هو، جنهن کي گذريل سال فائرنگ جي واقعي ۾ قتل ڪيو ويو هو، سينيئر وڪيل لطيف آفريدي ۽ سندس ڪٽنب جا ماڻهو ڪيس ۾ نامزد ڪيا ويا هئا پر بعد ۾ صوابي جي اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ کين بري ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته ناميارو قانوندان لطيف آفريدي قومي جمهوري تحريڪ جو سينيئر اڳواڻ، سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button