پاڪستانپنجاب

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جو پرويز الاهي خلاف ايڪشن،ميمبرشپ معطل،شوڪاز جاري

مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين پارٽي کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪرڻ تي پرويز الاهي جي ميمبرشپ معطل ڪري کيس شوڪاز نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي صدر پارٽي کي ڪنهن ٻي جماعت ۾ ضم نٿو ڪري سگهي. چوڌري شجاعت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ذريعي چوڌري پرويز الاهي کي 7 ڏينهن اندر وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي ٻي پارٽي ۾ شموليت جو بيان ڏنو آهي، تنهن ڪري وضاحت تائين سندس پارٽي رڪنيت معطل ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته وضاحت قبول نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندس بنيادي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button