پاڪستانپنجاب

چونڊون مارچ- اپريل ۾ ٿيڻ جو يقين، قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهون ٿا:عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين جي عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ نگران سيٽ اپ لا واپس وڃي سگهون ٿا، ان حوالي سان رٿابندي ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آ سربراهه چيو ته مون کي يقين آهي ته مارچ- اپريل ۾ عام چونڊون ٿي وينديون ۽ هاڻي اسان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو پلان جوڙي رهيا آهيون، رن آف اليڪشن ٿي ته موقعي مطابق فيصلو ڪنداسين ۽ جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ واپس نه وياسين ته هي راجا رياض سان گڏجي نگران حڪومت وٺي ايندا، انهن ۾ اخلاقيات نالي ڪا شي ناهي، اسان شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪرڻ وارا آهيون. عمران خان چيو ته نواز ليگ جا قومي اسيمبلي ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن، پهرين سندن ٽيسٽ وٺنداسين پو پارٽي ۾ شامل ڪنداسين، اڃا به سياسي انجنيئرنگ جاري آهي، باجوا ڊاڪٽرائن ۾ ڪا گهڻي گهٽتائي نه آئي آهي، جي آ ٽي تي به دٻا وڌو پيو وڃي، حڪمران خراب نموني ڦاسي پيا آهن، اسحاق ڊار کي پئٽرول جو اگهه وڌائڻو هو پر هن نه وڌايو، ان جو مطلب ته هاڻي آ ايم ايف نه ايندو، انهن کي 2 ارب ڊالر جو قرض ته مليو پر مٽاسٽا واري ناڻي ۾ به 2 ارب ڊالر جي گهٽتائي اچي وئي آهي. سنڌ جي مڪاني چونڊن بابت هن چيو ته سنڌ ۾ اسان جي تنظيم ڪمزور آهي ۽ پيپلز پارٽي ڌانڌلي کانسوا کٽي نٿي سگهي، ڪراچي ۾ شڪست جو سبب تنظيمي ڪمزوري ۽ پيپلزپارٽي جي ڌانڌلي آهي، پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اهي نالا ڏنا، جيڪي ن ليگ کي قبول هجن. ق ليگ تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته ق ليگ جو مستقبل تحريڪ انصاف سان ئي آهي، ق ليگ بيٽ جي نشان تي وڙهندي تڏهن ئي کٽيندي، مان به چاهيان ٿو ته اتحاد وارو ڪم هاڻي ختم ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button