پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڪنهن به پارٽي کي اڪثريت نه ملي سگهي، ميئر چونڊرائڻ لا اتحاد مجبوري بڻجي ويو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي هڪ ڏينهن کانپوءِ سمورين 235 يونين ڪائونسلن جا عبوري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا. ڪابه پارٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. ميئر چونڊرائڻ جي لا پارٽين کي هڪٻئي سان اتحاد ڪرڻ مجبوري بڻجي وئي. رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي مڪاني چونڊن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 93 سيٽن سان پهرين ۽ جماعت اسلامي ٻئين نمبر تي آهي. مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان مليل غير حتمي نتيجن موجب 235 يونين ڪائونسلن مان پاڪستان پيپلز پارٽي 93 سيٽون حاصل ڪيون آهن. عبوري نتيجن موجب جماعت اسلامي 235 مان 86 سيٽون حاصل ڪري ٻئين نمبر تي آهي. اليڪشن ڪميشن جي غيرحتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 40 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) 7 سيٽن سان چوٿين نمبر تي آهي. جمعيت علماءِ اسلام 3 سيٽن سان پنجين نمبر تي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) 2 ۽ مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) 1 سيٽ حاصل ڪئي ۽ 3 آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن. 10 يوسيز ۾ اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب پولنگ نه ٿي سگهي ۽ هڪ سيٽ تي پيپلزپارٽي جو يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيپلزپارٽي ڪامياب رهي ۽ سيٽون کٽيون. مڪاني چونڊن دوران حيدرآباد، جوهي، سيوهڻ، ٺٽو، ڄامشورو، خيرپور ناٿن شاهه، مٽياري، ميهڙ، دادو، سجاول، بدين، ميرپورساڪرو، ماتلي ۽ ٻين يونين ڪميٽين تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا. غيرحتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي حيدرآباد ضلعي جي 160 يونين ڪائونسلن مان 100 تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد ۾ 12، حسين آباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 4، نيرون ڪوٽ ۾ 2، سچل سرمست ۾ هڪ، ميان سرفراز ۾ هڪ، ٽنڊوفضل ۾ 6 ۽ ٽنڊو ڄام ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 5 اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح ٻين پارٽين جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 126 سيٽن سان ٻئي، جماعت سلامي 111 سيٽن سان ٽئين ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 15 سيٽن سان چوٿين نمبر تي آهي. جميعت علماءِ اسلام (ف) 11 ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 8 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته آزاد اميدوارن 92 سيٽون حاصل ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button