پاڪستان

لطيف آفريدي جي قتل تي صدمو،جمهوريت خاطر سگهارو آواز خاموش ٿي ويو:وزيراعظم

سينيئر وڪيل ۽ ناليواري قانوندان عبداللطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين سياسي اڳواڻن نامياري وڪيل جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي حڪومت جي عدالتن ۽ وڪيلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي ڳڻتي جوڳي آهي، عدالتن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. پاڪستان بار ڪائونسل ملڪ ۾ عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته وڪيل اڄ عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا. هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن به لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي اڄ عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته واقعي تي مذمتي بيانن بدران اثرائتا قدم کنيا وڃن. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته پارليامينٽ وڪيلن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪري، وڪيلن جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومتن سان به رابطو ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف پختونخوا ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي عبداللطيف آفريدي کي سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته لطيف آفريدي حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو، مون کي لالا عبداللطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي، هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته لطيف آفريدي جمهوريت پسند هو ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو، جمهوريت جي بحالي لاءِ سندس ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، پ پ قيادت ۽ ڪارڪن لطيف آفريدي جي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، لطيف آفريدي جو قتل انتهائي افسوسناڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد لطيف آفريدي شدت پسندن ۽ دهشتگردن خلاف اثرائتو آواز هو، مون کي سندس افسوس جوڳي قتل تي وڏو صدمو پهتو آهي، هو سڄي ڄمار جمهوريت پسند اڳواڻ رهيو، سندس قاتل ڪيفر ڪردار تائين پهچايا وڃن. جي يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان به قتل جي مذمت ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي لطيف آفريدي تي قاتلاڻو حملو صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي، ڪي پي حڪومت سڄي صوبي ۾ باهه لڳائي استعيفيٰ ڏئي رهي آهي، واقعو افسوسناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي جاچ ڪري ملزمن کي سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button