پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻ خلاف شهرين جي ريلي

ڪلوئي: ڪلوئي شهر ۾ اٽي جي اگهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، شهر ۾ اٽو 150 رپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي سستي اٽي واري اعلان تي عمل نه ٿيڻ ۽ سستي اٽي جا اسٽال نه لڳڻ ڪري چڪي مالڪ سميت دڪاندار اٽو 5400 کان 6 هزار رپيا في مڻ وڪرو ڪري غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. ان حوالي سان شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مولوي محمد رمضان لنڊ، صديق لنڊ، محمد حنيف لنڊ، فقير عبدالقيوم راهو، احسان وهنداڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي بدين اسٽاپ عوامي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته شهر ۾ سنڌ سرڪار پاران سستي اٽي جا اسٽال ناهن لڳايا ويا، جنهن جي ڪري چڪي مالڪ توڙي دڪاندارن ملي ڀڳت ڪري اٽو 6 هزار رپيا مڻ وڪرو ڪري ظلم ڪن پيا، جنهن سبب مزدور ۽ پورهيت طبقي جي پريشانين ۾ ٻيڻو اضافو ٿي ويو آهي. 400 کان 500 رپيا ڏهاڙي ڪمائي گهرن جو گذر سفر ڪندڙ مزدور طبقو بک ۽ بيروزگاري سبب ٻن ويلن کي ٽارڻ لاءِ پريشان آهي. هنن ڊي سي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙ چڪي مالڪن سميت دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري سستي اٽي جا اسٽال لڳائي پورهيتن کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button