آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان کي بهتر معاشي پوزيشن ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، جيترو ۽ جتي به ممڪن ٿيندو آهي پاڪستان جي سپورٽ ڪندا آهيون، اڳتي به اهو سلسلو جاري رکيو ويندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان جي معاشي چئلينج کان واقف آهي ۽ اسان پاڪستان کي بهتر معاشي پوزيشن ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان عالمي اقتصادي ادارن سان رابطي ۾ آهي، جتي به ممڪن هجي پاڪستان جي سپورٽ ڪندا آهيون، ٻطرفن رابطن ۾ لاڳاپيل موضوعن تي ڳالهه بولهه ٿيندي آهي. نيڊ پرائيس وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان ٽيڪنيڪل نقطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزارت، خزاني، وائيٽ هائوس ۽ ٻين سان به ملاقات ۾ پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، پرڏيهي وزارت، ناڻي وزارت، وائيٽ هائوس ۽ ٻيا پڻ پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي ڳالهائيندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close