پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ سينيئر صحافي قاسم ملاح بيماري سبب بستري تي پيل

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ سينيئر صحافي محمد قاسم ملاح ڪرنگهي جي تڪليف سبب ڏيڍ مهيني کان بستري تي پيل آهي. سروري جماعت جي ڊويزنل حيدرآباد جي نائب صدر ايڊووڪيٽ حبيب الله پلهھ ٽيسٽ لاءِ مدد ڪئي. ٽيسٽ ۾ ڪرنگهي ۾ فريڪچر نظر ۾ آيو. ڊاڪٽر آپريشن ڪرائڻ جو ٻڌايو، پر آپريشن ڪامياب ٿيڻ جا گهٽ امڪان هئڻ سبب ڊاڪٽر قاسم ملاح کي چيو ته ڪاٺ جو صندل ٺھرائي ان تي بنا سرندي سمھون ۽ ان سان گڏ ڪيلشيم جي دوا استعمال ڪريو. ياد رهي تہ اپريل 2010ع ۾ ميرپورخاص-حيدرآباد روڊ تي روڊ حادثي سينيئر صحافي محمد قاسم ملاح شدید زخمي ٿيو هو، جيڪو 25 ڏينهن ڪوما ۾ هو، حادثي ۾ صحافي قاسم ملاح کي دماغي ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳا هئا. ان وقت ڊاڪٽر حامد ميمڻ آپريشن جو چيو هو ۽ آپريشن ڪامياب نه ٿيڻ جو شڪ پڻ ڏيکاريو، جنهن ڪري آپريشن نه ڪرايو ويو. هن وقت قاسم ملاح کي ڪرنگهي ۾ تڪليف هئڻ سان گڏ ڪيلشيم گهٽ ٿيڻ ۽ شگر گھٽ ٿيڻ جي تڪليف آهي، جنهن سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، قاسم ملاح بيمار هجڻ سبب گھر جون حالتون به بهتر ناهن، سينيئر صحافي جي بيماري جو ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار نوٽيس ناهي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button