پاڪستانسنڌ

چونڊن ۾ پ پ مخالفن کي شڪست ڏني:ضيا عباس شاهه

عثمان شاھه ھڙي: صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهھ رضوي پاران جهنڊومري تعلقي ۾ وڌيڪ 3 ارب جي ترقياتي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويو. ڳوٺ مٺو خان ميرجت ۾ پ پ تعلقي جهنڊومري جي صدر محمد صالح ميرجت، عبدالمجيد ميرجت، خادم حسين ميرجت ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻي ۾ صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاھه رضوي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته مخالفن جي تنقيد سان ڪوبه فرق نٿو پوي، پ پ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي، سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ به روڊن سميت ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. پوري جهنڊومري تعلقي ۾ روڊن سميت ترقياتي ڪم جاري آھن، هلندڙ سال وڌيڪ 3 ارب جون ترقياتي اسڪميون آڻي رهيا آھيون، جيڪي هلندڙ سال مڪمل ٿي وينديون، تازو ئي مڪاني چونڊ ۾ مخالفن کي ملندڙ شڪست ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد جماعت آھي، جيڪا ملڪ جي عوام کي ڏکيائين کان ڪڍي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button