پاڪستانسنڌ

چيلهار جي گرائونڊ تي قبضو، رانديگرن جو احتجاج

چيلھار: چيلهار ۾ ٽوپي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڀيل برادري جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري اڏاوت شروع ڪري ڏني آهي، پوليس سرزمين تي پهتي، پر بنا ڪنهن ڪارروائي جي واپس رواني ٿي وئي. رانديگرن اوم پرڪاش، سريش ڪمار، پرشوتم، انيل پرڪاش ۽ ٻين احتحاج ڪندي ٻڌايو ته قبضا مافيا کي مقامي سياسي ماڻھن جي پٺڀرائي حاصل آهي، ان ڪري پوليس توڙي روينيو عملدار ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناھن، بااثر ماڻهو گرائونڊ جي بائونڊري تي بيٺل وڻ وڍي لوڙھو ڏئي رھيا آھن، پوليس کي لکت ۾ درخواست ڏني، پر پوليس مقامي سياسي ماڻھن جي فون بعد بنا ڪارروائي جي گرائونڊ مان واپس رواني ٿي وئي، ھفتي کان اسان جي راند بند آھي. ڀيل ڌر جا ماڻھو لٺين ۽ ڪھاڙين سان گرائونڊ تي ويٺل آھن. هنن گهر ڪئي ته جلد گرائونڊ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button