پاڪستانسنڌ

سيتاروڊ ۾ ٽرين سروس جي بحالي لا شهرين جي ريلي

سيتاروڊ: سيتاروڊ ۾ ريل سروس نه هجڻ خلاف شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان سلسلي ۾ ريلوي انتظاميا جي نااهلي سبب ريل سروس جي سهولت نه هجڻ خلاف سيتا سرجڻھار فورم جي اڳواڻ مشھور ميمڻ،اسلم بالادي، رفيق احمد عباسي، رمضان ٻگھيو، خير محمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي گشت ڪيو ۽ رحماني ريلوي اسٽيشن پهچي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مشھور ميمڻ ۽ ٻين چيو ته برسات کي 6 مھينا گذري ويا آھن، پر ريلوي انتظاميا سکر، روھڙي، حبيب ڪوٽ، جيڪب آباد،شڪارپور، لاڙڪاڻوـ دادو ۽ ڪوٽڙي کان ڪراچي تان ٽرين سروس بحال ناهي ڪئي، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ ٽرانسپورٽرن جي من پسند ڀاڙن سبب لکين ماڻھو وڏي تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. سيتاروڊ شھر لنڪ روڊ تي هجڻ سبب رات جي وقت وڏن شھرن ڏانھن گاڏيون نٿيون هلن. ريل جي سستي ۽ محفوظ سفر لاءِ ڪوئيٽا، پشاور ۽ ڪراچي لاءِ ھلندڙ بولان ميل، خوشحال خان خٽڪ ۽ موهن جو دڙو ٽرين سروس جلد بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button