پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ بااثر زميندار خلاف ڳوٺاڻن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

مقصودو رند :مقصودو رند ويجهو ڳوٺ ڪرم الله ڏاھري جي قديم کڏ تي قبضي ۽ سرڪاري رستو ڊاهڻ خلاف سوين ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا. رپورٽ موجب مقصودو رند ويجهو ڳوٺ ڪرم الله ڏاهري جي قديم کڏ تي بااثر زميندار جي قبضي ۽ سرڪاري روڊ جي مٽي پٽڻ خلاف سوين ڳوٺاڻا ٻاهر نڪري آيا، فقير امان الله ڏاهري، ڪامريڊ علي نواز ڏاهري، استاد محمد رمضان ڏاهري، يار محمد ڏاهري، عبدالرزاق ڏاهري، عزيز ڏاهري، فقير محمد ڏاهري، محمد وارث ڏاهري، نواب ڏاهري، استاد عبدالخالق ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن قبضي واري کڏ واري هنڌ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن کانپوءِ سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي ڊاهيل روڊ واري هنڌ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن امان الله ڏاهري، علي نواز ڏاهري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جو بااثر زميندار ڳوٺ ۾ انگريز دور کان قائم سرڪاري کڏ تي قبضو ڪري رهيو آهي، پنهنجي طاقت جي زور تي کڏ ۾ مٽي وجهي لٽي رهيو آهي، ان سان گڏ تازو ڳوٺ لاءِ منظور ٿيل روڊ کي به بااثر زميندار ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي ۽ ڏاڍ مڙسي آهي، بااثر زميندار جو اهڙو عمل قانون هٿ ۾ کڻڻ آهي، ڳوٺ جي سوين ماڻهن اهو واضح مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي قديم کڏ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، روڊ ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي ۽ ٻااثر زميندار خلاف ڪيس داخل ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ان سان گڏ عدالت جو در پڻ کڙڪايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button