پاڪستانسنڌ

پ پ وفاقي سرڪار جو حصو بڻجي عوامي خدمت ڪري پئي:شازيه مري

جھول: ڪيڊٽ ڪاليج ڄام نواز علي ۾ 26 هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪمانڊنٽ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ڪموڊور ذيشان علي ايس آءِ (ملٽري) مهمان خاص جو استقبال ڪيو. ڪيڊٽس پاران سندن استقبال لاءِ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شازيه مري چيو ته ڪاليج کي هڪ مڃيل اداري ۾ تبديل ڪرڻ تي ڪاليج انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. سنڌ حڪومت تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ملڪ جي پوئتي پيل علائقن ۾ معياري تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن، ڪيڊٽس کي گهرجي ته قائداعظم جا قول ياد رکن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ حڪومت اڇڙو ٿر جي ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي ۽ بجلي جي سهولت فراهم ڪئي آهي. پ پ وفاقي حڪومت جو حصو بڻجي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي سي ايس سنڌ جي نوجوانن کي ڏورانهن هنڌ تي محدود مالي وسيلن باوجود بهترين تربيتي سهولتون فراهم ڪري ٿي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ شاندار تعليمي نتيجن سان سڄي صوبي ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان بحريه جي سرپرستي هيٺ هي ڪاليج جديد ۽ معياري تعليم سان آراسته رهندو. بعد ۾ مهمان خاص تعليمي، راندين ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. اعليٰ ترين اعزاز اسٽيڪ آف آنر ۽ بيج آف آنر ترتيبوار اڳوڻي ڪيڊٽ محمد طلحه ۽ اڳوڻي ڪيڊٽ معاويه انور حاصل ڪيا. شازيه مري اڪستان بحريه جي مالي سهڪار سان پنجن ڪيڊٽس هاسٽلن لاءِ 100 ڪلو واٽ جي سولر سسٽم جو پڻ افتتاح ڪيو. هن آرٽس اينڊ سائنس ڪلب جي نمائش جو دورو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button