پاڪستانسنڌ

ما ۽ پي جو آپگهات، پنج يتيم ٻار رلي ويا

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ۾ ما پي جي آپگهات بعد پنج يتيم ٻار رلي ويا، آپگهات واقعن جي جاچ لا ضلعي انتظاميا توڙي پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو. ان سلسلي ۾ عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ موريو ساند ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ زال مڙس جا 5 معصوم ٻار دربدر ٿي ويا. مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريو ساند ۾ برسات متاثر پورهيت نگيو ڀيل جي گهرواري پارسان ڀيل 5 ڏينهن اڳ غربت ۽ بک کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو هو، جنهن بعد سندن مڙس نگيو به 3 ڏينهن بعد پوليس کان آزادي ملڻ بعد خودڪشي ڪئي، جنهن سبب سندن ٻار دربدر ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ نوجوان جي پيرسن والد ٻڌايو ته گهر ۾ بک ۽ بيروزگاري سبب زال ۽ مڙس ۾ ڏند چڪ ٿيندي هئي، جنهن تان هن ٻنهي خودڪشي ڪئي، هاڻ سندن 2 مهينن جي پٽ جي ڪفالت ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، هنن جا 5 ٻار روئين ٿا، ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڪا سار ناهي لڌي، تعلقي ۽ ضلعي جي ڪاموري به مدد ناهي ڪئي، ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻارن جي ڪفالت ۾ مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ مشائخ هوٿي جي ڳوٺ موريو ساند ۾ عورت پارسان گهر ۾ ڦاهو کائي انت آندو هو، جنهن تي پوليس سندس مڙس نگيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، جنهن کي ناري جي ڀائرن آزاد ڪرايو، جنهن کانپو نگيو به ٽن ڏينهن بعد گهر ۾ خودڪشي ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button